اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پرڏيه?? وزارت جي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن، ”شيئر پاڪستان پورٽل“ جي ذريعي ??ال??ي سطح تي پاڪستان جو بهتر تشخص اجاگر ٿيندو ۽ عوامي ۽ اداراجاتي سفارتڪاري ۾ بهتري ايندي. ”شيئر پاڪستان پورٽل“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيه?? وزير چيو ته جڏهن کان مون پاڪستان جي پرڏيه?? وزير جو عهدو سنڀاليو آهي، اسان محسوس ڪيو ته اسان جي انتظاميا کي پيراڊائم شفٽ جي سخت ??رو??ت آهي. هن چيو ته اسان انتظامي سڌارن جي ذريعي پنهنجي مينڊيٽ کي موثر طريقي سان ادا ڪرڻ ج?? وزارت جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ج?? عزم طور ”پرڏيه?? وزير جي تبديلي جا انتظامي قدم“ جي حصيداري ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ مون پنهنجي آفيس سان گڏوگڏ پرڏيهي معاملن وار?? وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي مشنز جي سمورن فنڪشنز جي سلسلي جي ماهرن جي هڪ ٽيم کي مختلف ڪمن بشمول انساني وسيلن، ماليات، لاجسٽڪس، ڪميونيڪشن، قونصلر، پروٽوڪول اينڊ ڪميونٽي سروسز، ڊيجيٽلائيزيشن، قاعدن، پاليسين ۽ طريقيڪار ۾ آساني بابت ڪيترن ئي سڌارن تي غور فڪر ڪرڻ ج?? لاءِ مقرر ڪيو آهي. پرڏيه?? وزير چيو ته منهنجي ”چينج مئنيجمينٽ انيشي ايٽو“ جو مقصد ورڪ ڪلچر کي ترقي ڏيڻ آهي جيڪو نتيجن ۽ بهتر پيداواري صلاحيت، جدت طرازي ۽ فيصلا سازي کي ڪارڪردگي جي ويجهو آڻڻ تي وڌيڪ مرڪوز آهي. اسان جي افرادي قوت ۽ پاڪستان جا قابل سفارتڪار اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون ”چينج مئنيجمينٽ انيشي ايٽو“ بابت هڪ جامع رپورٽ جاري ڪرڻ ج?? منتظر آهيان جيڪا اسان جي سفارتي خدمتن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي جيڪا جديد دنيا جي نئين حقيقتن ۽ چئلينجن جو جواب ڏيڻ ج?? لاءِ بهتر طريقي سان ليس هوندي. هن چيو ته منهنجي ”تبديلي جي انتظام جا قدم“ جو هڪ اهم ٿنڀ وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي سفارتي مشنز جي وچ ۾ هموار رابطو هوندو. ان سلسلي ۾ اڄ مون کي پرڏيه?? وزارت پاران اين آئي ٽي بي جي تعاون سان تيار ڪيل ”شيئر پاڪستان“ پورٽل جو افتتاح ڪندي خوشي ٿي رهي اهي. شيئر پاڪستان پورٽل اسان جي ٻاهرئين ملڪ مشنز پاران ڪئي ويندڙ عوامي سفارتڪاري جي سرگرمين جي ڊيجيٽل ذخيري جي طور تي ڪم ڪندو. ان آن لائين معياري معلوماتي نظام جي ذريعي اسان پاڪستاني پرڏيهي پاليسي ??ي مقصدن جي تعميل ۾ عوامي سفارتڪاري جي قدمن جي اثرن جي پيمائش ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ج?? قابل ٿي وينداسين. هن چيو ته شيئر پاڪستان ان قدم تحت شروع ڪيو ويندڙ پهريون منصوبو آهي ۽ ٽارگيٽيڊ ڪميونيڪشن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ هڪ محرڪ طور ڪم ڪندو. ان کي پرڏيه?? وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ ان جي سفارتي پوسٽن جي وچ ۾ عوامي سفارتڪاري جي دائري ۾ معلومات جي حصيداري کي آسان بڻائڻ ج?? لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي پورٽل اسان جي مختلف عوامي سفارتڪاري جي قدمن ۾ ڪارڪردگي ۽ شفافيت آڻيندو ڇو ته اسان ٻاهرئين ملڪ سمورن مشنز ۾ عوامي پروگرامن جي معيار ۽ مقداري اثرن جي هڪ معياري تشخيصي ٽول کي شامل ڪري ٿو. ڊيجيٽلائيزيشن هاڻي اختياري نه آهي ۽ ??ال??ي سطح تي شيئر پاڪستان کي شروع ڪري ه?? وزارت تازه ترين رجحانن ۾ پڻ قدم وڌائي رهي آهي. اهو پيپر ليس ڊيجيٽل ٽول پهريون پورٽل لانچ آهي جيڪو اسان جي پبلڪ ڊپلوميسي ??سٽريٽجڪ آئوٽ ريچ ڪوششن ۽ اداري ٻنهي ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي انضمام جو احاطو ڪري ٿو. ان کي ڊپلوميسي ۾ آئوٽ ريچ فيصلي جي حمايت، اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن جو مسودو تيار ڪرڻ، پرڏيهي پاليسي ??و ترجمو ڪرڻ ۽ تازه ترين رجحانن جي تجزيي جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. پرڏيه?? وزير چيو ته مون کي يقين آهي ته ڊيجيٽل ٽول وزارت ۽ ان جي مشنز جي وچ ۾ ڪارائتي ۽ موثر رابطي جي لاءِ مستقبل جي پراجيڪٽس جي لاءِ ماڊل طور ڪم ڪري سگهي ٿو. اسان کي اميد آهي ته اهڙي طرح پرڏيه?? وزارت ۽ پاڪستان حڪومت جي ورڪ ڪلچر ۾ تبديلي ايندي. هن چيو ته اسان کي اها به اميد آهي ته هي پورٽل پرڏيه?? وزارت جي ٻين سرڪاري ادارن سان رابطي ۾ ڪميونيڪشن سسٽم ۽ آءِ ٽي تي ٻڌل حل کي آسان بڻائڻ ۽ بين ڊپارٽمينٽ ڪوآرڊينيشن جي سهولت فراهم ڪرڻ ج?? پهريون قدم هوندو. پرڏيه?? وزير ”شيئر پاڪستان“ پورٽل تيار ڪرڻ ۾ پرڏيهي معاملن وار?? وزارت سان حصيداري ڪرڻ تي اين آئي ٽي بي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وار?? وزارت جي تعاون جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان جو مقصد اهو آهي ته اسان جي عوامي سفارتڪاري جون سرگرميون وڌيڪ نمايان ٿين ۽ گهربل پرڏيهي پاليسي ??ا هدف حاصل ڪري سگهون. آئون هن پورٽل جي ڪامياب شروعات تي ترجمان جي آفيس ۽ اسٽريٽجڪ ڪميوٽيشن ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو.