اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالعدم تنظيم بي اين اي جي باني ۽ سربراهه ۽ هائي پروفائيل عسڪريت پسند ليڊرن مان هڪ گلزار اما?? شمبي جي پڪڙڻ تي پاڪستانين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته امن جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي فور??ز جون اڻٿڪ ڪوششون س??راهه جوڳيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ، پنهنجي نوعيت جي پهرين ۽ مختلف جاگرافيائي جاين تي ٻڌل، انتهائي ڏکئي انٽيلي جنس آپريشنز ک?? وڏي نفاست سان س??انجام ڏيڻ تي قوم پاران خصوصي ساراهه جو مستحق آهي. هن چيو ته پاڪستان خاص طور تي بلوچستان امن ۽ خوشحالي طرف گامزن آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ جي پڄاڻي پاڪستان زندهه آباد سان ڪئي.