اسلام آباد ??? 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جو صدر ابراهيم رئيسي گوادر جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ايران کان گوادر تائين 100 ميگاواٽ ٽرانسم??شن لائين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اه?? منصوبو 2009ع کان التوا هيٺ هو. اه?? منصوبو وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر ۽ بلوچستان جي عوام لاءِ ترقي، واپار، ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا ??يدا ڪندو.