ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر وزيراعظم جو وفاقي حڪومت جي سنڌ خاص ??ور تي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي موجوده ملڪي سي??سي صورتحال تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.