اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پورهيتن ۽ مزدورن جو عالمي ڏينهن اس??ن کي ??نهن مزدورن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن پنهنجي حقن جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هي ڏينهن نه رڳو محنت جي تقدس ۽ وقار جي علامت آهي پر هي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ مزدورن ۽ پورهيتن جي اهميت جو اعتراف آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو ته اس??ن جو عظيم مذهب اسلام سماجي انصاف، برابري ۽ انساني حقن جي احترام جي اصولن تي زور ڏي ٿو، الله تعاليٰ ۽ خاتم النبين رسول الله ﷺ اس??ن کي ??ڪم ڏنو آهي ته اس??ن مزدورن جي حقن کي ??نتهائي اهميت ڏيون ۽ انهن حقن کي پنهنجو بنيادي فرض سمجهندي ان کي ??رانجام ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪريون، حضور ﷺ جي زندگي ۾ اس??ن کي محنت جي عظت ۽ پورهيت طبقي جي حقن جي احترام جا بي شمار متاثر ڪندڙ مثال ملن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسلام عالمي ليبر قانونن جي لاڳو ٿيڻ کان تمام گهڻو اڳ ئي مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي حوالي سان رهنما اصول طئي ڪري ڇڏيا هئا، مزدور ۽ آجر پيداواري عمل ۾ حصيدار آهن ۽ انهن جو تعاون ۽ دوستاڻو تعلق ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت پورهيتن جي ڪم ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ جي حالتن کي ??هتر بڻائڻ ۽ انهن جي ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ بهتر رهائش، تعليم جي سهولت ۽ صحت جو تحفظ فراهم ڪري انهن جي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي، مهانگائي جي بلند شرح ۽ ٻين معاشي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 ??پي?? ماهوار مان وڌائي 25000 ??پي?? ماهوار ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت مزدورن جي فلاحي ادارن جي لاءِ خودڪار، ٺوس نظام تيار ڪرڻ جي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پيشيواراڻي تربيت ۽ هنر جي ترقي جا پروگرام شروع ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اس??ن سڀ انفرادي ۽ اجتماعي ٻنهي سطحن تي پورهيتن جي حقن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن ڪريون.