اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ملڪ ۾ ج??ري مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو رهي. جاري ڪيل قومي اقتصادي س??وي موجب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن سبب رسد ۾ رنڊڪ، عالمي سطح تي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو، بجلي ۽ تيل جي ٽيرف ۾ سڌ??رن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. ايران ۾ مهانگائي جي شرح فيبروري 2023ع ۾ 53.4 سيڪڙو، ترڪيه ۾ اپريل دوران مهانگائي 43.7 سيڪڙو، مصر ۾ مارچ دوران 32.7 سيڪڙو ۽ ارجنٽائن ۾ مارچ ۾ مهانگائي جي شرح 104 سيڪڙو رهي. اقتصادي س??وي موجب کاڌي پيتي جي شين/ضروري شين جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ حڪومت انتظامي سطح تي قدم کڻي رهي آهي، انتظامي ق??من سان گڏوگڏ حڪومت پاليسي سڌ??رن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي.