نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ پوليوجي خاتمي جي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي

image

اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلام آباد ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري سڄي ملڪ ۾ پوليوجي خاتمي جي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هڪ تقريب ۾ نگران وزيراعظم ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري 5 ڏينهن واري پوليو مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي قومي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم ٻارن کي تحفا پڻ ڏنا.

مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں