پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي خطي جي سمورن ملڪن سان گڏيل احترام ۽ خودمختيار برابري تي ٻڌل پرامن پاڙيسريت جي پاليسي کي جاري رکيو آهي: ممتاز زهره بلوچ

image

اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي خطي جي سمورن ملڪن سان گڏيل احترام ۽ خودمختيار برابري تي ٻڌل پرامن پاڙيسريت جي پاليسي کي جاري رکيو آهي، سريلنڪا، مالديپ، نيپال، ڀوٽان ۽ بنگلاديش سان هلندڙ سال دوران لاڳاپن ۾ اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه سان مثبت اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي، هندوتوا کان متاثر ڀارت جي قومپرست حڪومت ٻطرفن لاڳاپن ۾ رڪاوٽ آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان مسلسل چيو آهي ته ٻطرفا لاڳاپا ان وقت تائين مڪمل طور تي معمول تي نه ٿا اچي سگهن جيستائين حل طلب تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي تڪرار حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي دورن جي پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان مختلف مذهبي تهوارن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت مان ايندڙ سک ۽ هندو ياترين کي 6824 ويزا جاري ڪيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ سال 486 ڀارتي قيدين کي آزاد ڪيو جن مان 380 عام شهري ۽ باقي مُهاڻا هئا. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جي لاءِ پنهنجي فوجي طاقت جو استعمال ڪندو رهيو، پوري سال دوران پاڪستان سمورن لاڳاپيل ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي ڪشميري عوام جي لاءِ آواز اٿاريو، پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پڻ واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير ۾ ٿيندڙ مختلف اڳڀرائي طرف ڇڪرايو جنهن ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ جو تازو غيرقانوني فيصلو پڻ شامل آهي. هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڪشمير ڪاز جي مسلسل ۽ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿي، ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جا ٻه اجلاس مارچ ۽ سيپٽمبر 2023ع ۾ ٿيا. ترجمان وڌيڪ چيو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي ۽ برطانوي پارليامينٽرينز جي وفد آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪيو ته جيئن ته زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته انهن دورن ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي بي نقاب ڪيو آهي.

مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil
متعلقہ مضامین
مزید خبریں