صدر آصف علي زرداري پاران انگريزي اخبار ”دي نيشن“ جي ايڊيٽر سلمان مسعود جي والد جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار

image

اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انگريزي اخبار ”دي نيشن“ جي ايڊيٽر سلمان مسعود جي والد مسعود احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر والد جي لاڏاڻي تي سلمان مسعود سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري مرحوم مسعود احمد جي وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا پڻ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں