پي ٽي آءِ باني جو هاڻي ڪو به مستقبل ناهي، اقليتي برادري جي حقن جو تحفظ پهرين ترجيح آهي: عطاءُ الله تارڙ

image

لاهور- 08 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو هاڻي ڪو به مستقبل ناهي، اقليتي برادري جي حقن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ملڪي معيشت صحيح رخ طرف گامزن ٿي چڪي آهي، سول نافرماني جي تحريڪ به بري طرح ناڪام ٿيندي. اهڙو اظهار هن بهار ڪالوني چرچ گرائونڊ ۾ ڪرسمس ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو اسلام آباد ۾ ڪاهه جو منصوبو بري طرح ناڪام ٿيو، پي ٽي آءِ باني ۽ سندس فسادي پارٽي جو هاڻي ڪو به مستقبل ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان لاشن تي سياست ڪئي پئي وڃي، لاشن جو ڪوڙو بيان بڻايو پيو وڃي، لاشن جي سياست ڪرڻ پي ٽي آءِ جو ڪم آهي، عوامي مسئلن سان فتني پارٽي جو ڪو به تعلق ناهي، هن هميشه باهيون ڏيڻ ۽ گهيراءُ ڪرڻ جي سياست کي هٿي ڏني آهي ۽ ملڪ ۾ افراتفري پکيڙي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي ناڪامي کانپوءِ هاڻي سول نافرماني جي تحريڪ هلائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، جيڪا به ماضي جي پروپيگنڊا وانگر فلاپ ٿيندي، ڇاڪاڻ ته عوام هاڻي نفرت ۽ تشدد جي سياست رد ڪري چڪي آهي، عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين اقليتي برادرين کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ انهن جي حقن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي، اسان ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي ڀائرن کي مبارڪون ڏيون ٿا، انهن جي خوشين ۾ دل کولي حصو وٺنداسين. هن تڪ تي شاندار ڪرسمس ٽري به لڳندو، هن چيو ته اوهان جي هر خوشي ۽ ڏک ۾ اوهان سان گڏ بيٺل هوندو، مان پاڻ اچي ڪرسمس ٽري کي روشن ڪندس. اوهان جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندس، پاڪستان جي قيام ۾ اقليتن پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن جو وڏو اهم ڪردار رهيو آهي، هن چيو ته هارون وليم پارڪ فوج ۾ رهندي ملڪ لاءِ جان قربان ڪئي، سيسل چوڌري مرون مڊل ڪوٽ جهڙا ماڻهو پاڪستان جي نمائندگي ڪن ٿا، ڪرسچن ڪميونٽي دنيا جا بهترين فائٽر پائليٽ پيدا ڪيا جهڙي طرح سموريون برادريون پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، اهڙي طرح اسان سڀن کي پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اقليتن جي تحفظ جو آواز مرڻ گهڙي تائين ڏيندو رهندو، هن چيو ته پاڪ فوج جو ساٿ ڏيندا ته امن جو ساٿ ڏيندا، تشدد، ڏڦيڙ ۽ ورهاست کان انڪار ڪرڻو پوندو، هن ملڪ ۾ تشدد ۽ ڏڦيڙ نٿو ٿي سگهي جتي ٿيندو اتي لوهي ديوار وانگر بيهي رهنداسين. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت جي مثبت پاليسين عيوض ملڪي معيشت صحيح رخ طرف گامزن آهي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، مهانگائي جي شرح 4 سيڪڙو کان به گهٽ ٿي وئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن جنهن سان ملڪ مان بيروزگاري ۾ گهٽتائي ۽ ملڪ جي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪرڻ منهنجو فرض آهي، ڪنهن به ظلم، تشدد ۽ نفرت خلاف آواز اٿارڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو، ملڪ پاڪستان الله جي وڏي نعمت آهي ان جي حفاظت ۽ ترقي اسان سڀني کي گڏجي حصو وجهڻو آهي، عطاءُ الله تارڙ چيو ته غير سنجيده ڪال انهي دماغ ۾ هوندي آهي جنهن ڏني هوندي آهي، سول نافرماني جي ڪال شرمناڪ آهي، ماڻهو چاهين ٿا ته کين روزگار ملي، گئس ۽ بجلي اچي، پي ٽي آءِ باني جيڪو وڻي ڪري ان جي دال نه ڳرندي. هي ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو، ڏڦيڙ پکيڙڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير عطاءُ الله تاڙر چيو ته لطيف کوسا 278 لاشن جي ڳالهه ڪئي ته ان جي گهر مان گڏ ڪريو. لطيف کوسا کي هاڻي سياست نه پر آرام ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ڪي پي ڪي حڪومت صوبي ۾ امن امان لاءِ سنجيده نظر نه اچي رهي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج قربانيون ڏئي رهي آهي.

مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں