وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

image

اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي رهائشگاهه ويو ۽ ساڻس سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحومه جي خاندان جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي دعا پڻ ڪئي. اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.

مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں