کٽمنڊو – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عب??سي چيو آهي ته علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيا تنظيم (سارڪ) هڪ اهم فورم آهي جنهن کي پنهنجي حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن پاران سنجيده ۽ مخلصاڻيون ڪوششون گهربل آهن، پاڪستان سارڪ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه سارڪ جي سيڪريٽري جنرل امجد حسين بي سيا?? سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.