اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان عا??مي ڪانفرنس 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ٿيندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪانفرنس جي گڏيل طور تي ميزباني ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب عا??مي ڪانفرنس تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ موسمياتي لحاظ کان هڪ لچڪدار ۽ بهتر انداز ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ عا??مي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور تي ڪم ڪندي جهڙي نموني ملڪ ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي مان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اهم ڪم طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان ان ڪانفرنس ۾ ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (4 آر ايف) پيش ڪندو جيڪو ان فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عا??مي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري ح??يد??ري جو خواهشمند آهي. ان ۾ کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان گڏ ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مالياتي طريقيڪار ۽ اداراجاتي انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي پروگ??ام ۾ هڪ اعليٰ سطحي افتتاحي سيشن شامل هوندو جنهن جي سربراهي وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري ڪندا، ان کانپوءِ 4 آر ايف دستاويز جو باضابطا افتتاح ٿيندو ۽ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ٿيندا. وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل طور تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم پاڪستان ترقياتي ح??يد??رن جي تعاون سان ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ ملڪ کي وڌيڪ متحرڪ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي ماڊل طرف منتقل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پاڪستان جا وفاقي وزير فريم ورڪ دستاويز جي وضاحت ڪندا ۽ موسمياتي لچڪ ۽ موافقت جي لاءِ پاڪستان جو ڊگهي مدي وارو منصوبو پڻ پيش ڪندا. ان کانسواءِ چئني صوبن جو موقف لاڳاپيل صوبائي نمائندا بيان ڪندا. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه، وزير ۽ ڪيترن ئي ملڪ جا اعليٰ سطحي نمائندا ۽ عا??مي مالياتي ادارن، فائونڊيشنز ۽ فنڊز سان گڏوگڏ عا??مي ترقياتي تنظيمون، نجي شعبا، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين جي اوز جا نمائندا شرڪت ڪندا. اها ڪانفرنس 4 آر ايف دستاويز جي بنياد تي پاڪستان جي دوستن ۽ ترقياتي ح??يد??رن سان ڊگهي مدي واري ح??يد??ري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي عوام سان عا??مي يڪجهتي جي اظهار طور ڪم ڪندي.