اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مناسب لفظن جي چونڊ سان موثر ميڊيا تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪا به خبر اڳتي وڌائڻ کان اڳ لازمي طور تي ان جي تصديق ڪرڻ گهرجي، ڪوڙي ۽ جعلي ??برن جي پٺيان سدائين هڪ ڳجهي ايجنڊا هوندي آهي جنهن جو مقصد قومن جي وچ ۾ ۽ معاشرن جي اندر تڪرارن کي هوا ڏيڻ هوندو آهي، اسان کي سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ۽ محتاط استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عوامي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، دنيا ۾ اخلاقيات بدران واپ??ر انصاف جو نئون پئمانو بڻجي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر ۾ تڪرارن ۽ ميڊيا جي ڪردار جي حوالي ??ان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.