اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپر??شن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 1302 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 22 متاثر مريض ??سپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 376 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 531، پنجاب ۾ 11 هزار 873، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 813، اسلام آباد ۾ 6 هزار 449 ، بلوچستان ۾ 598 ، گلگت بلتستان ۾ 405، ??زا?? ڪشمير ۾ 707 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 16 هزار 665 ٿي چڪو آهي، ??زا?? ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 871 وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ 19 جا 123 مريض ??هن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 15 هزار 317 آهي.