سيالڪوٽ – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃ?? رهي آهي، ملڪ ۾ شفافيت آڻيندڙ وزيراعظم جي خلاف سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊسڪه مان اميدوار علي اسجد ملهي اليڪشن کٽي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها فو??ي طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري، ڊسڪه جي عوام نواز شريف جي بيانيي، ڌوئنس، پئسي جي سياست کي سدائين جي لاءِ دفن ڪري ڇڏ??و آهي، (ن) ليگي قيادت جي هڪ مهيني جون ڳالهيون ٻڌو ته ان ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جو اظهار ڪ??و آهي ته اسان اليڪشن بندوق سان کٽينداسين. هو ڊسڪه ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين، پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، عثمان ڊار ۽ علي اسجد ملهي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪر?? رهيو هو. سينيٽر شبلي فراز وزيرن سان گڏ پي ٽي آءِ جي فو?? ٿيندڙ ڪارڪنن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان جي هدايت تي اسان هتي آيا آهيون، سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ڌوئنس، پئسي، غنڊه گردي، قتل غارت جي سياست ڪئي آهي، هن اليڪشن ۾ به انهن پنهنجي اسپيشلسٽ ماڻهن جن ۾ راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف ۽ ٻين کي ڊسڪه انهي مقصد جي لاءِ موڪل??و آهي. هن چيو ته اڄ ڊسڪه ۾ تقرير ۾ واڳون وارا ڳوڙها وهندي ڏسي ماڊل ٽائون واقعو ياد اچي ويو جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي گوليون هلايون ويون، ماڊل ٽائون تي حملو راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ڪيو و??و آهي، اليڪشن کي آلوده ۽ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ اهي قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايتري ڪاوڙ ۽ دهشتگردي ان لاءِ آهي ته نواز شريف جي بيانيي کي شڪست ٿ?? رهي آهي، وزيرآباد جي اليڪشن، 2018ع جي اليڪشن جي نتيجن سميت هر اليڪشن ۾ هزارين ووٽن جو فرق آهي. هن چيو ته ڊسڪه ۾ (ن) ليگ 40 هزار جي ليڊ کنئي هئي ۽ اڄ اليڪشن هارائ?? رهيا آهن، انهن جي پيرن هيٺان زمين نڪر?? رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان جو بيانيو، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو انهن کي ڊپ آهي، پي ٽي آءِ ائين ئي کٽيند?? رهي ته انهن جي سياسي هڪ هٺي جو خاتمو ٿيندو.