ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام ??ائين پهچائينداسين، بدعنوان عنصر جيڪو مرضي ڪري وٺن اين آر او نه ملندو، چاهي??ن ٿا ته خبر پوي ته اسامه بن لادن ڪنهن کي پئسا ڏنا هئا. ساهيوال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ تمام گهڻو پئسو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪو نمائندو ڪروڙين رپيا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪري ٿو ته اهو عوام ??ي نمائندگي ڇا ڪندو، ان لاءِ اسان آئيني ترميمون چاهي??ن ٿا ته جيئن بيلٽ اوپن ٿئي. اسان گذريل چونڊن ۾ پئسا وٺندڙ ڪارڪنن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. وزي??اع??م چيو ته هينئر به سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن. سينيٽ پارليامينٽ جو مٿيون ايوان آهي جنهن جو تمام گهڻو تقدس آهي. هن چيو ته اسان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه آهي پر اسان پوءِ به سينيٽ اليڪشن شفاف بڻائڻ جي لاءِ بل پيش ڪنداسين.