اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قرارداد پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي مسلم??نن جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿي آهي، اڄ اسان کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، اسان انهن حال??ن ۾ به قانون جي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ پور?? عزم سان ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلم??نن وچن ڪيو ته غلامي جون زنجيرون ٽوڙي اڇلائينداسين، اسان جي بزرگن ان ڏينهن قائداعظم جي قيادت ۾ اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي ڌار مل?? جي ضرورت آهي، هڪ اهڙو مل?? جتي الله جي حاڪميت ۽ حضرت محمد ﷺ جي ٻڌايل اصولن موجب هلي سگهجي.