اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائس چانسلر کي هارڊ شپ ڪيس جو فيصلو شاگردياڻي جي حق ۾ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه?? جنهن کي يونيورسٽي انتظاميه جي بدانتظامي جي ڪري ايم ايڊ جي ڊگري جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، صدر ان ڏس ۾ وفاق محتسب جي فائنڊنگز کي به معطل ڪري ڇڏيو آه?? جنهن ۾ وفاقي محتسب سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏ??ندي قرار ڏنو هو ته عدالتن کي تعليمي ادارن جي پاليسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ مس آسيه سعيد ملڪ وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف صدر پاڪستان وٽ اپيل داخل ڪئي هئي، صدر جيڪو يونيورسٽي جو چانسلر به آه??، هن ڪيس کي منفرد قرار ڏئي ڇڏيو جنهن ۾ يونيورسٽي جا عملدار پنهنجي بدانتظامي تي ضابطو آڻڻ بدران شاگردياڻي کي نشانو بڻايو، مس آسيه سعيد يونيورسٽي جي ايم ايڊ پروگرام ۾ داخل هئي، هو خزان 2017 ۾ ٿيندڙ امتحان ۾ پيش ٿي تنهن هوندي به هو ورڪشاپ ۾ ش??مل نه ٿي سگهي، کي?? ان کانپوءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ليٽر نمبر No.F. M.Ed/MD Edu.-w/s (Spr -19) MN/115 dated 21.08.2019 جي ذريعي ورڪشاپ ۾ ش??مل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي تنهن هوندي به آخر ڪار کي?? ڊگري ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.