اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشمير کانپوءِ سيالڪوٽ به (ن) ليگ جي بياني کي دفنائي ڇڏيو آهي. پي ٽي ??ءِ ڪارڪنن ۽ عمران خان سان محبت ڪندڙن مريم صفدر سميت سڄي م??فيا جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. ورڪرن جي جوش ۽ ولولي کي خصوصي سلام پيش ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 165 مان 112 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پي ٽي ??ءِ واضح اڪثريت سان اليڪشن کٽي رهي آهي. هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ پي ٽي ??ءِ ڪارڪنن جي م??نت واکاڻ جوڳي آهي.