اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار عامر شڪيل جندران کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه جهلم ضلعي جي تعلقي پنڊ دادن خان جي ڳوٺ پنڊي سيدپور جو جوان نائب صوبيدار عامر شڪيل جندران وزيرستان ۾ ذميواريون سرانجام ڏيندي شهيد ٿيو، 17 گوليو?? ڇاتيءَ ۾ لڳيون. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ??ه جهلم جا قبرستان انهن شهيدن جي رت سان مهڪن ٿا. وطن جي مٽيءَ گواهه رهجان، اسان کي توهان تي فخر آهي.