ا??لا?? آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طالبان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪ صدر امام علي رحما??وف طالبان ۽ تاجڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، تاجڪستان جي صدر کي سڄي دنيا ۾ تاجڪ احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نئين افغان حڪوم?لا??_گیمز/45042.html">ت ۾ تاجڪن ??ي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاجڪستان جي صدر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران ٻنهي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظها?? ڪيو آهي. طالبان سان ڳالهين جو اعلان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طالبان جي لاءِ انهن گروپن کي حڪوم?لا??_گیمز/45042.html">ت ۾ شامل ڪرڻ آسان نه آهي جيڪي انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افعانستان جي مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ انهن ٻنهي ڌڙن کي گڏ ملائڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ ??لا??تي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي اهم عنصر آهي، تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم عمران خان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ??لا??تي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظها?? ڪيو آهي.