اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي ڪاروباري ادارن کي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ توسيع ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اداره جاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ سرمائي جي منتقلي کي آسان بڻائيندي ڪاروباري ما??ول کي بهتر بڻا??و وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آمريڪا جي سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ا??لاس ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن ۽ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي دوران درپيش مسئلن تي غور ڪ??و ويو. سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين جي مشهور آءِ ٽي ماهرن درپيش مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ ڪمپنين جي رجسٽريشن جو ڏکيو طريقيڪار، بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جو ڊگهو عمل ۽ هڪ ونڊو آپريشن جي کوٽ نمايان آهي جيڪا غير ملڪي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن جي ملڪ ۾ اچڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. هن ڪاروباري ما??ول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف قدم تجويز ڪيا ته جئين پاڪستان کي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش مقام بڻائي سگهجي. سيڪيورٽي اينڊ اي??سچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ڪمپنين جي رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻا??و ويو آهي جنهن سان ايس اي سي پي ۾ ڪنهن ڪمپني کي رجسٽر ڪرڻ ۾ صرف 4 ڪلاڪ لڳندا آهن. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته تجارتي ۽ ڪاروباري تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي 23 ضلعن ۾ ڪمرشل ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن، ا??ٽيٽ بئنڪ جي گورنر (ايس بي پي) اجلاس کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ڪاروباري ادارن کي غير ملڪي سيڙپڪارن کي سازگار ما??ول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوسشون ڪري رهيو آهي، ا??لاس غير ملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ موجوده نوٽريائزيشن طريقيڪار ۾ ترميم ۽ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، ا??لاس ۾ خطاب ڪندي صدر چيو ته حڪومت غير ملڪي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن کي سازگار ما??ول فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. صدر ٻاهرين ملڪ پاڪستاني برادري کي خاطري ڪرائي ته هو ڪاروبار دوست ما??ول فراهم ڪري انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏينداسين.