اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روڊن جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معياري روڊن جي تعمير سان ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، اهڙن ??يالن جو اظهار هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي انتظام هيٺ منصوبن تي اڳڀرائي ??ي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن وارو ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چٽاڀيٽي وارو جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته اڳوڻي حڪومت جي ٽن سالن (16 -2013ع) ۾ صرف 645 ڪ??وم??ٽر جا روڊ تعيمر ٿيا ۽ موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ ڪل 1753 ڪ??وم??ٽر ڊگها روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن، منصوبابندي جي حوالي سان گذريل حڪومت جي دور جي ٽن سال ۾ صرف 858 ڪ??وم??ٽر جڏهن ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ 6118 ڪ??وم??ٽر ڊگهائي ??ي مشتمل روڊن جي منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي ??هي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 27 منصوبا مڪمل ڪري وٺندي، بلوچستان ۾ 3 هزار ڪ??وم??ٽر کان وڌيڪ جي روڊن جي تعمير ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم جي پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن موجب منصوبا قرضن بدران پبلڪ پرا??يو??ٽ پارٽنرشپ جي ذريعي مڪمل ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي راولپنڊي کان کاريان، ميانوالي کان مظفر ڳڙهه ۽ حيدرآباد کان سکر روڊن تي اڳڀرائي ??ي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشي ترقي ۾ روڊن جو اهم ترين ڪردار آهي، هن چيو ته معياري روڊن جي تياري سان ڳوٺن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، بهترين روڊن جي ڪري گاڏين جي مرمت ۽ پيٽروليم منصوعات جي درآمد جي خرچ به گهٽ ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته مواصلات جي اهم ۽ وڏن منصوبن تي روزاني جي بنياد تي اڳڀرائي ??و پاڻ جائزو وٺندس. هن هدايت ڪئي ??ه منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.