اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان پاڪستان جي آئ??ن تحت ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، هڪ معاهدي تحت پاڪستان ح??وم?? ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي است??ڪا?? کي نظر ۾ رکيو وي??دو، افغان اٿارٽيز انهن ڳالهين ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه هن تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو، انهن ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون آئ??ن ۽ قانون تحت ٿينديون، ڪا به ح??وم?? پاڪستان جي آئ??ن ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون ڪري ئي نه ٿي سگهي. هن چيو ته انهن ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي است??ڪا?? کي نظر ۾ رکيو وي??دو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهين ۾ انهن علائقن جي متاثر ماڻهن کي قطعي طور تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن علائقن جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي سامهون رکندي سيز فائر ۾ توسيع ٿيندي وي??دي، انهن ڳالهين ۾ افغانستان جي اٿارٽيز (عبوري ح??وم??) سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن يچو ته اها ڳالهه خوش آئ??ده آهي ته پاڪستان جا اهي علائقا هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪل امن طرف وڌي رهيا آهن.