اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ٻجن ۽ ڀاڻ جي بهتر معيار ??ي پيداوار ج?? لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران ??ان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ خريف جي فصلن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ??اڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ۽ ٻين اعليٰ عملدار?? شرڪت ڪئي. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صنعت وارن صوبائي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خريف جي فصلن ۾ ڪپهه، چانور، مڪئي ۽ ڪمند ملڪ ۾ پوکي ويندڙ وڏيون فصلون آهن، حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري انهن سمورين فصلن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سٺي معيار جي ٻجن ۽ جيت مار دوائن، موثر تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري ملڪ ۾ زرعي شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ سمورين فصلن ??ي پيداوار کي بهتر بڻائڻ ج?? لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.