فيصل آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ مخصوص ٽولي پاران نواز شريف سان ڪنهن قسم جي ڊيل جو تاثر ڏنو پيو وڃي پر سڀني کي س??جهي ڇڏڻ گهرجي ته نواز شريف سان ڪا ڊيل نه ٿي رهي آهي، هو جڏهن به ??اڪستان آيو ايئرپورٽ تي اڊيالا جيل جي قيدين واري وين کيس وٺڻ جي لاءِ موجود هوندي ڇو ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ۽ چوري ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ جي جڳهه رڳو جيل آهي. فيصل آباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي جا??زي کانپوءِ گولڊ پام مارڪي نزد فورسيزن سمندري روڊ فيصل آباد تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪندڙن کي س??جهي ڇڏڻ گهرجي ته گڏيل قومن سميت عالمي ادارن واضح چيو آهي ته پاڪستان ڪوويڊ جي باوجود پنهنجي معاشي ۽ اقتصادي پاليسين جي ڪري نمبر ون تي اچي چڪو آهي جتي ڪوويڊ دوران ڪاروباري مرڪز، بازارون، دڪانون، فيڪٽريون، تعليمي ادارا کليل رهيا، اهو ئي نه پر وزيراعظم عمران خان جي ڏورس سوچ ۽ حڪمت عملي خاص طور تي س??ارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي پوري دنيا ساراهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جي لاءِ خوشخبري آهي ته 31 ڊسمبر 2021ع تائين 7 ڪروڙ ماڻهن جي ويڪسي نيشن جو جيڪو هدف مقرر ڪيو ويو هو انهي کي انتهائي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ اسد عمر، ڊاڪ??ر فيصل سلطان، اين سي او سي، صحت کاتو، ڪورونا ويڪسين سينٽر جو عملو ۽ صحت جو فيلڊ اسٽاف خراج تحسين جو مستحق آهي.