چاغي – 04 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سن??راڻي سان بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پجار جي صوبائي سينئر نائب صدر شفقت ناز بلوچ ملاقات ڪئي. پي ايس او پجار پاران کان جاري ڪيل پريس رليز جي اسلام آباد ۾ سينيٽ چيئرمين جي آفيس ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ شفقت ناز بلوچ سينيٽ جي چيئرمين صادق سن??راڻي کي پنجاب ۾ تعليم هيٺ بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شاگرد ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا معمار آهن، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به قوم جي ترقي جو راز تعليم ۾ آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ شاگردن جو هڪ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري شاگرد پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين.