اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته شهباز شريف عادي شعبده باز آهي، کيس حادثن تي سياست يا شعبده بازي کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، 30، 30 سال حڪومت ڪري به اهي ليڊر نه بڻجي سگهيا، اڄ جو ”پيبلو ايسڪوبار“ اسان کي ٻڌائي رهيو آهي ته نيرو ننڊ ۾ هو، هن پنجاب ۽ مريءَ ۾ وسيلا خرچ ڪ??ا هجن ها ته اڄ اسان کي هي ڏينهن نه ڏسڻو پوي ها، شريف ف??ملي رڳو پنهنجا محل ٺاهيا، انهن جي دور ۾ ٿيندڙ ترقي انهن جي گهرن تائين محدود هئي، تحريڪ انصاف کانسواءِ مريءَ ريسڪيو آپريشن ۾ ڪا ٻي پارٽي موجود نه هئي، اسان ن??ون پاڪستان جو واعدو ڪيو آهي، انشاءَ الله عمران خان جي قيادت ۾ اسان ن??ون پاڪستان ٺاهي رهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اميد هئي ته شهباز شريف هڪ ليڊر وانگر ڳالهه ڪندو پر هي عادي شعبده باز آهي، کيس حادثن تي سياست ۽ شعبده بازي کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، انهن 30، 30 سال حڪومت ڪئي پر پوءِ به اهي ليڊر نه بڻجي سگهيا، 30 سال انهن ڄامڙا پاليس جيڪي وڏا نه ٿي سگهيا. چوڌري فواد حسين چي?? ته مريءَ واقعي تي هر اک روئڻهارڪي آهي، مريءَ ۾ 64 هزار گاڏيون 5 ڏينهن ۾ داخل ٿيون. اسان کي فخر آهي ته پنجاب جو وڏو وزير، وفاقي وزير، پاڪستان تحريڪ انصاف جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت اسان جا ورڪرز مريءَ ۾ عوام سان گڏ بيٺل هئا. سول انتظاميا، پاڪ فوج ۽ سول ادارن مريءَ ۾ ريسڪيو آپريشن ڪري لکين ماڻهن کي ڪڍيو. هن چي?? ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ (ن) ليگ جو ڪو ماڻهو مريءَ ۾ نظر نه آيو، انهن اتي وڃڻ جي زهمت به نه ڪئي. هن چي?? ته 24 ڪلاڪن جي اندر ريسڪيو آپريشن ڪري سمورا رستا ڪليئر ڪيا ويا. چوڌري فواد حسين چي?? ته شهباز شريف جڏهن وڏو وزير هو ته روز ن??ون واقعو ٿيندو هو، ان جي دور ۾ اسپتال ۾ آڪسيجن نه هجڻ سبب 100 ٻار مارجي و??ا هئا ۽ هي منهن ڏسي ره??ا هئا. هن چي?? ته ماڊل ٽا??ون جو واقعو ٿيو، معصوم ماڻهن تي گوليون وسايون پئي ويون ۽ شهباز شريف جو چوڻ هو ته کيس روڪڻ منهنجو ڪم نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته شريف ف??ملي رڳو پنهنجا محل ٺاهيا، انهن جي دور ۾ ٿيندڙ ترقي انهن جي گهرن تائين محدود هئي. هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٽن سالن ۾ 13 نوان ريزارٽس ٺاهيا، وزيراعظم عمران خان بلين ٽري سونامي پروگرام شروع ڪيو، ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏنو. هن چي?? ته اڄ پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي ۽ هي اسان کي سبق ڏئي ??هي?? آهن ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها. چوڌري فواد حسين چي?? ته ملڪ ۾ اندروني سياحت جي هڪ نئين حقيقت جنم ورتو آهي، اڄ الحمدالله لکين ماڻهو اندرون ملڪ سياحت مان فائدو کڻي ??هي?? آهن. هن چي?? ته اسان کي اهڙي انتظامي اسٽرڪچر جي ضرورت آهي جيڪو وڏي ابادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته اسان ن??ون پاڪستان جو واعدو ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اسان ن??ون پاڪستان ٺاهي رهنداسين. هن چي?? ته معيشت انتظاميا سياحت سميت هر شعبي ۾ انهن ماڻهن جا پوکيل ڪنڊا اسان صاف ڪري ??هي?? آهيون، مخالف ڌر ايندڙ 7 سال به روئيندي رهندي، انهن جو ڪم روئڻ آهي. انشاءَ الله عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪندو.