اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خطي جي ٻين ملڪن جي مق??بلي ۾ پاڪستان ڪووڊ – 19 جو مق??بلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ان عرصي ۾ برآمدات ۾ 25 سيڪڙو، ٽيڪس روينيو ۾ 38 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ رڪارڊ آمدني ٿي، صنعتي شعبي جو منافعو 950 ارب روپين جي رڪارڊ سطح تائين پهچي ويو، حڪومت جي سمارڊ لاڪ ڊائون جي پاليسي، تعميراتي صنعتي ل??ءِ مراعتون، سماجي تحفظ جي پروگرام، صنعتن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي ل??ءِ سبسڊي معيشت کي مستحڪم رفتار سان اڳتي وڌايو جنهن جي عالمي سطح تي مبصرين واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ ميڪرو اڪنامڪ ايڊوائيزري گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاق?? وزير شوڪت فياض ترين، حماد اظهر، فواد چوڌري، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، مملڪت?? وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، عام ماڻهو تي ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ل??ءِ حڪومتي قدمن ۽ گذريل 3 سالن ۾ معاشي سطح تي حڪومتي ڪاميابين جو جامع جائزو پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي مق??بلي ۾ پاڪستان ڪوڊ – 19 جو مق??بلو ڪرڻ ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسين، تعيمراتي صنعت جي ل??ءِ مراعتن، سماجي تحفظ جي پروگرام، صنعتن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي ل??ءِ سبسڊي معيشت کي مستحڪم رفتار سان اڳتي وڌايو جنهن جي عالمي سطح تي مبصرين واکاڻ ڪئي. هن چيو ته حڪومت جا ٽي سال معاشي ڪاميابي جي ڪهاڻي آهن، ڇو ته اسان کي تمام وڏو گردشي قرض، برآمد مخالف پالييسيون، غير مستحڪم مالي حالتون، گهٽ چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول ۽ نجي شعبي جي ل??ءِ مراعتن جي کوٽ جون پاليسيون ورثي ۾ مليون آهن، 2018ع ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ ادائيگين جي بدترين توازن جي بحران، ڪووڊ – 19 جي وبا جي ڪري معا??ي مشڪلاتن، عالمي منڊي ۾ جنسن جي وڏين قيمتن ۽ افغانستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي سڌو ۽ اڻ سڌو اثرن جي باوجود، واڌ جي شرح به 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي، جيڪا هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جيڪو مالي بحران ورثي ۾ڇڏيو ان مان ڪاميابي سان نڪرڻ کانپوءِ معاشي استحڪام جا مضبوط قدم کنيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران به سمورن علائقائي ملڪن جي مق??بلي ۾ وڌيڪ معاشي ترقي ٿي. روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو، ٽيڪس روينيو 38 سيڪڙو اضافي کانپوءِ بلند ترين سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ به 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ رڪارڊ آمدني (آبادگارن کي 1100 ملين جي اضافي آمدني جي منتقلي) صنعتي شعبي جو 950 بلين روپين جو رڪارڊ بلند منافعو، حڪومت جي آءِ ٽي پاليسي جي ڪري آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي، آءِ پي پيز سان ٽيرف جي ڪامياب مذاڪرات کانپوءِ ماهوار گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي، مٿي ڏنل کانسو??ءِ حڪومت احساس تهت سماجي تحفظ جو سڀ کا?? وڏو پروگرام شروع ڪري فلاحي رياست جو پنهنجو واعدو پورو ڪيو، اداره جاتي سڌارن کي لاڳو ڪيو ۽ ايف اي ٽي ايف جي شرطن جي ڪاميابي سان تعميل ڪئي جنهن اسان کي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ کان بچائي ورتو،
اجلاس ۾ شين جي بلند عالمي قيمتن جي اثرن کي عام ماڻهن تائين منتقلي روڪڻ ل??ءِ تجويزون به پيش ڪيون ويون. تجويزن ۾ آمدني ۾ اضافو، ماڻهن جي خريداري جي سگهه، وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي تي ڌيان ڏيندڙ سبسڊيز ۽ سماجي تحفظ جي پروگرامن ۾ توسيع شامل آهي، وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ حالت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ماڻهن جي معاشي حالت ۾ بهتري ل??ءِ ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي وارن منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻائين.