لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته معيشت پائيدار ترقي جي سمت ۾ گامزن آهي، ڪورونا کان بچاءُ جي پاليسي جي سڄي دنيا ۾ واکاڻ ٿي آهي، ??حريڪ انصاف قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ??سد عمر، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، حماد اظهر، مملڪتي وزير فرخ حبيب، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ وڏي وزير جو ترجمان حسان خاور به موجود هئا. صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ عورت ميمبر قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف مخصوص سيٽن تي ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو آهي، ??ن کان اڳ ماضي ۾ سياسي پارٽيون مخصوص سيٽن تي من پسند ماڻهن کي آڻينديون رهيون آهن، هن چي?? ته حڪومت کي ڏيوالو نڪتل معيشت ورثي ۾ ملي، ??ڪومت ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻايو آهي ۽ معيشت هاڻي پائيدار ترقي جي طرف گامزن آهي، ??ڪومت جي ڪورونا کان بچاءُ جي پاليسين جي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ٿي آهي، ??وبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنجاب ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري عوامي پذيرائي ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جڏهن ته اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ ميمبرن وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي پنجاب ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪ??دڙ صوبائي اسيمبلي جي عورت ميمبرن ۾ ياسمين راشد، صادقه صاحبداد خان، شمسه علي، نسرين طارق، شوانه بشير، شميم آفتاب، فردوس رانا، شاهده احمد، سميرا احمد، عائشه اقبال، نيلم حيات ملڪ، مسرت جمشيد، سعيده سهيل رانا، رشيده خانم، فرحت فاروق، ثانيه ڪامران، طلعت فاطمه نقوي، ??اهينه ڪريم، آسيه امجد، سيمابيه طاهر، مومنه وحيد، عائشه نواز، زينب عمير، فرح آغا، سيده فرح عظميٰ، ساجده بيگم، ساجده نويد، سبين گل خان، سبرينه جاويد، عابده بي بي شامل هيون جڏهن ته وزيراعظم سان ملاقات ڪ??دڙ اقليتي ميمبرن ۾ هارون عمران گل، اعجاز عالم آگسٽين، مهندر پال سنگهه ۽ يوڊسٽرر چوهاڻ شامل هئا.