ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي کي 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ??هي ته پاڻي جي فراهمي جو مسئلو هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ لاءِ چين جي حڪومت سا?? ڳالهائينداسين، وفاق ترقياتي منصوبن لاءِ صوبائي حڪومت سا?? ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو، ڪراچي ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ بسون هلائڻ سا?? ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس ۾ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال به موجود هئا. وزيراعظم چيو ??ه هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني آهي ۽ اتي ان پختي عزم جو اظهار ڪيو ??ه اسان باباءِ قوم جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ پاڪستان کي سندس خواب جي حقيقي تعبير بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ??ه هن سنڌ جي و??ي وزير ۽ سندس ٽيم سا?? مف??د ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سنڌ جي و??ي وزير سنڌ جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني، مون کي خوشي ٿي آهي ته ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين منصوبن لاءِ سنڌ جي و??ي وزير جي ٽيم محنت سا?? ڪم ڪري رهي آهي، کين يقين ڏياريو ??ه وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سا?? مڪمل تعاون ڪندي ۽ وفاق ان سا?? ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندو. وزيراعظم چيو ??ه هن سنڌ جي و??ي وزير کي چيو ??هي ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻايون، شروع ۾ چيني عملدارن ڪي سي آر کي سي پيڪ جو حصو بڻائن لاءِ غور هيٺ آڻڻ جو شروع به ڏنو هو پر بعد ۾ حالتون تبديل ٿي ويون، هاڻي پوري ڪوشش ڪنداسين ته ان کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ لاءِ چيني حڪومت سا?? ڳالهه ڪريون. هن چيو ??ه ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو تمام وڏو چئلينج آهي، ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي اڌ گنجائش 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو هو پر مون هدايت ڪئي آهي ته 2024ع تائين ڪوشش ڪنداسين ته پورو منصوبو مڪمل ٿي و??ي ڇو ته پاڻي بنيادي ضرورت آهي، ڪراچي جو اهو مسئلو حل ٿي و??ي ته اها عوام جي تمام وڏي خدمت هوندي، وزيراعظم چيو ??ه سنڌ جو وڏو وزير صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ وڏو ڪم ڪري رهيو ??هي، اورينج لائن، ريڊ لائن ۽ گرين لائين منصوبا تقريبن مڪمل ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ڪراچي ۾ هزارن جي تعداد ۾ شفاف طريقي سا?? ايئر ڪنڊيشنڊ بسون گهرايون وڃن ته ان مان ماڻهن کي سفر جي بهترين سهولت حاصل ٿيندي. سٺي ساک رکندڙ ٽرانسپورٽرز کي پري ڪواليفائي ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ ٻولي ٿئي، بئنڪن سا?? گڏجي کين قرض ڏيارينداسين ۽ ان تي وياج وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي برداشت ڪري سگهن ٿيون ته اها ٽرانسپورٽرز لاءِ تمام وڏي سهولت هوندي، اسان جي بهترين ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقات رهي آهي، رمضان المبارڪ ۾ ڪراچي ۾ والهاڻي استقبال تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي و??ي وزير سيد مراد علي شاهه جو ٿورائتو آهيان.