اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ ??قر?? ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب حنا رباني کر ايراني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ايران جي مستقل حمايت کي ساراهيون ٿا، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم علا??قا??ي ۽ عالمي معاملن تي موقف جي هڪجهڙائي خوش آئنده آهي.