اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪي فل??ي صنعت کي رليف ڏيڻ لاءِ فل?? اينڊ ڪلچر پاليسي 2018ع جي بحالي جو وڏو فيصلو ڪندي چيو آهي ته فل?? ۽ ثقافت جي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ جوڙيل تجويزن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ان حوالي سان جلد سفارشون تيار ڪري وزيراعظم کي پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فل?? پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ايسوسيئيشن جو ايگزيڪيٽو ميمبر عرفان ملڪ، شيخ امجد رشيد، پير سعد، سيد نور، ساتش آنند ۽ بدر اڪرام شامل هئا. وفاقي وزير چيو ته پنجابي فل?? اسان جو قيمتي اثاثو آهي جنهن تي هن وقت جمود طاري آهي، ان ۾ وري جان وجهنداسين. هن چيو ته ٻارن جي لاءِ تيار ٿيندڙ مواد تي خصوصي رعايت ڏينداسين ته جيئن ٻارن لاءِ بهترين فل??ن، ڪارٽونن، ڊ??امن، ڪهاڻين ۽ تعليم ۽ تربيت بابت پروگرامن جي حوصلا افزائي ٿئي. هن چيو ته فل?? کي صنعت جو درجو ڏئي رهيا آهيون، صنعت جي طور تي ان شعبي کي رعايت ڏينداسين، فل??ن جي ڪهاڻي، معيار، ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ ان قومي پاليسي جو حصو آهي ان کانسواءِ ان ۾ سينيما گهرن جي بحالي، نون سينيما گهرن جي تعمير ۽ فنڪارن جي لاءِ مراعتون شامل آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عوام کي تفريح جي فراهمي لاءِ ٽڪيٽ جي قيمت گهٽ، شوٽنگ لاءِ اجازت نامن کي آسان بڻائينداسين، فل??، ڊ??اما، اسٽيج ۽ فنون لطيفه پاڪستان جي عالمي اميج کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته عدم برداشت، انتشار اسان جي معاشري ۾ نه هو اهو پيدا ڪيو ويو، ان کي ختم ڪرڻو آهي، فل??، ڊ??اما ۽ فنون لطيفه معاشري جي ادبي، اخلاقي، تهذيبي ۽ علمي ۽ روايتي زندگي هوندا آهن، اهي روح زنده ڪندا آهن. هن چيو ته معياري فل??ن جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، ان شعبي کي ٽيڪنالاجي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪنداسين، پاڪستاني فل??ن جي ايڪسپورٽ جي حوصلا افزائي ڪنداسين ۽ گڏيل پروڊڪشن جي امڪانن کي فروغ ڏينداسين، فل?? سازي لاءِ اوزار ۽ مشينري جي درآمد ۾ حڪومت تعاون ڪندي. اطلاعات واري وزير فل?? انڊسٽري تي لاڳو وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي جو مطالبي تي غور ڪرڻ جي خاطر ڪرائي. فل?? پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد و??اقي وزير مريم اورنگزيب کي فل??ي صنعت جي بحالي جي باري ۾ قدمن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته فل?? پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي مطالبن، مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو.