اسلام آباد – 29 – جون (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي خابرو اداري (اي پي ??ي) جي ملازمن جي شاهراهه دستور تي جاري ا??تجاجي مظاهري ۾ پهچي ملازمن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اربع جي رات شاهراهه دستور تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي ??ي) جي ا??تجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات جي لاءِ پهچي وئي. اي پي ??ي جو ايم ڊي ا??تر منير، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير يڪجهتي جي ا??هار طور مظاهرين سان گڏ روڊ تي ويهي رهي. هن چيو ته صحافين س??ن ??ندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي جي طور تي نه آهي، آئون اي پي ??ي جي ملازمن جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان پر اهي مسئلا رڳو اي پي ??ي جا نه آهن. هن چيو ته ڏينهن رات اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار ناڻي واري وزارت س??ن ??ابطي ۾ رهيا. (ڊسپيريٽري الائونس) ۽ ريگيولر پي ا??ڪيلز سڀني ڪارپوريشنز جو مسئلو آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي چيو آهي ته ان مسئلي جو جلد حل ڪڍن، ان ڏس ۾ ??ڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ اربع ڏينهن ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي ??ي ايمپلائيز يونين جي نمائندن کي چيو ته اهي به ڪميٽي جي ا??لاس ۾ شرڪت ڪن. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب خاطري ڪرائي ته اي پي ??ي ملازمن جي ترقي لاءِ ڊي پي سي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. اي پي ??ي ملازم اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب جي اچڻ، يڪجهتي جي ا??هار ۽ مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.