اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پ?? پي) چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رو??گ چين جي صدر ۽ وزيراعظم جو خصوصي پ??غام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پ??چايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سدائين وانگر چين جي قيادت ۽ عوام پاڪستان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. چين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پ????ين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پ??چنديون. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ڪراچي ۾ امدادي سامان پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪندو. چين پاران ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ ا??داد جي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي چين جي سفير جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين جي سفير نونگ رو??گ چين جي قيادت جي فيصلي سان پاڪستان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.