رياض – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو، رياض جي گورنر فيصل بن بندرالسعود رياض ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه ??حم?? آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير اس??اق ڊار ۽ ا??لاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده ??حم?? بن سلمان جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي، رياض ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم سعودي ولي عهد سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪندو.