شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ماحولياتي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ جي ??دم جي اهميت کي ساراهيندي چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون جي ضرورت آهي، ماحولياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ اسرندڙ ملڪن ۾ مالي وسيلن کي ٺوس ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ??اءِ بنيادي محرڪ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ڪوپ – 27 جي سربراهه اجلاس ۾ ”نقصانن ۽ زيان تي قدم ۽ تعاون ۾ اضافو – ماحولياتي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي ??وقعي تي چئي. گول ميز ڪانفرنس جي ??يزباني گڏيل طور تي جرم?? چانسلر اولاف شولز ۽ گهانا جي صدر نانا اڪوفواڊو ڪئي. اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جهڙا ڪمزور اسرندڙ ملڪ اڳ ۾ ئي ماحولياتي تبديلي جي سنگين ۽ تباهي آڻيندڙ اثرن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪستان جو ماحولياتي تبديلي ۾ تمام گهٽ حصو آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي ??وڏ سٽيل علائقن جي صورتحال ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي ??ئين سر تعمير ۽ بحالي جي ??اءِ حڪومت پاران کنيل قدمن ک??ن پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ”نقصان ۽ زيان“ جو مسئلو پاڪستان جي اهم ترجيحن مان هڪ آهي، هن ڪوپ – 27 جي ايجنڊا ائٽم جي طور تي ان جي شموليت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو سي او پي نقصان ۽ زيان جي ??اءِ فنڊنگ جي انتظامن تي باضابطا طور تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو پاڪستان ۽ چين جي گروپ – 77 جي سربراهي ۾ اسرندڙ ملڪن جي ??سلسل دٻاءُ جي ذريعي حاصل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ”ماحولياتي خطرن جي خلاف عالمي ڍال“ قدم جي اهميت کي ساراهيندي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ عالمي يڪجهتي ۽ تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته گهربل فنانسنگ سهولت کي اسرندڙ ملڪن ۾ نقصان کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ مالي وسيلن کي ٺوس ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ??اءِ بنيادي محرڪ جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڪوپ – 27 ان سلسلي ۾ واضح ۽ حتمي فيصلو ڪرڻ جو وقت سر موقعو فراهم ڪيو آهي.