اسلام آباد– 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قاسم جو م??ت توڪيوف کي قزاخستان جو صدر چونڊڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. اڱاري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قاسم جو م??ت توڪيوف کي قزاخستان جو صدر چونڊڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ قزاخستان جا ويجه?? ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ٺ??هڻ جي لاءِ قزاخستان جي صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.