اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مسجدن کي فجر کان ظهر تائين ا??ڪو?? طور اس??عمال ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ا??ڪو??ن ۾ ٻارن جي سئو سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان دڳ اختيار ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرمين ڪرنل (ر) ڊاڪٽر اميرالله مروت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان هيومن ڊيولپمينٽ فنڊ جو چيئرمين ڊاڪٽر نسيم اشرف ۽ اين سي ايڇ ڊي جا سينيئر ميمبر پڻ موجود هئا. صدر ملڪ جي رڳو 68 سيڪڙو ٻارن جي پرائمري سطح تي ا??ڪو??ن ۾ داخلا جي شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ا??ڪو??ن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ نوان دڳ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام ۽ ملڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ احتياطي صحت جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته ا??ڪو??ن ۾ ٻارن جي 100 سيڪڙو داخلا کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ وڌ کان وڌ ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين بطور ا??ڪو?? اس??عمال ڪري سگهجي ٿو، جتي ممڪن هجي تعليم جي هائبرڊ طريقن کي ا??تعمال ڪرڻ گهرجي. صدر مقامي سطح تي تعليم جي فراهمي، رسمي ۽ غيررسمي تعليم ۽ هنرمندي جي فروغ جي پرگرامن کي ا??تعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي قابل قدر هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز اختيار ڪيا وڃن، پروفيشنل ماڻهن مان ملڪ ۾ ئي فائدو کڻڻ جي لاءِ هڪ ٺوس نظام جي ضرورت آهي، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، آءِ ٽي ماهرن سميت ٻين شعبن ۾ اعليٰ صلاحيت رکندڙ ماڻهن جي ذهانت، علم ۽ مهارت کي ا??تعمال ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته قيمتي انساني وس??لن جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم ضروري ??هن?? ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ميزبان ملڪن جي ترقي ۾ حصو وجهي رهيا ??هن?? آن لائين ۽ هائبرڊ پليٽ فارمز جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي علم ۽ مهارت مان پاڪستان ۾ فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خاندان جي وڏي سائيز کي ڄم روڪ جي دوائن جي دستيابي، تعليم ۽ معاشي حالت بهتر بڻائي مناسب وقت ۾ ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. صدر اس??ادن ۽ صحت جي ڪارڪنن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ تربيت ۾ اين سي ايڇ ڊي جي ڪردار کي ساراهيو. هن غربت جي خاتمي لاءِ اداري جي ڪوششن، تحقيقي مطالعن ۽ ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ عالمي وس??لن کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ اين سي ايڇ ڊي کي قومي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.