??سل??م آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف پوليس لائين پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو ق??ل قرآن جي تعليم جي منافي آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو ??سل??م ??ان ڪو تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. و??ير??عظم چيو ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا متحد آهن، سڄي قوم پنهنجي شه??دن کي عقيدت جو سلام پيش ڪري ٿي. و??ير??عظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. وفاق صوبن جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. و??ير??عظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ مدد فراهم ڪري. و??ير??عظم شه??دن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.