اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اڄ پورو پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀ??نرن سان پنهنجي غير متزلزل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وا??اريل ڄمون ڪشمير جو عوام گڏيل قومن جي منظور ٿيل حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ ڀارتي غاصباڻي نظام کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته وا??اريل ڄمون ڪشمير جو عوام ڀارت جي غيرقانوني قب??ي مان آزادي واري پنهنجي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ بي انتها جدوجهد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪشميرين پنهنجي قربانين سان آزادي جي شمع کي جوت بخشي آهي. منهنجو يقين آهي ته سندن خواب جلد پورا ٿيندا.