اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ فر??نس جي وچ ۾ سياسي مشاورت جو 14 هون دور جمعي ڏينهن پيرس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ان جي فرانسيسي هم منصب ايني ميري ڊيسڪوٽس جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب سياسي مشاورت ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ايني ميري ڊيسڪوٽس ٻطرفي تعاون جي لاء?? پاڪستان فر??نس روڊ ميپ تي صحيحون ڪيون. ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، اقتصاد??، ترقي، دفاع، سلامت??، تعليم، ثقافت، گهڻ رخي ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.