اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري شاعر، اديب، ??را??ا نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عوام جي حقن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ هڪ وڏو انسان اڄ دنيا مان رخصت ٿي ويو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته امجد اسلام امجد پنهنجي زندگي جا 50 سال ار??و ادب کي ڏئي اسان جي لاءِ قيمتي سرمايو ڇڏي ويو آهي. ”وه نصيب ڪي بارشين ڪسي اور ڇت پي برس گئين“ هڪ نسل کي ياد آهي. هن چيو ته 1980ع ۾ ان جو مشهور ??را??و وارث اڄ به هڪ شاهڪار مڃي?? وڃي ٿو. ادب جي دنيا ۾ امجد اسلام امجد جو نالو سدائين زندهه رهندو. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.