اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ ملڪ جي مستقبل پنهنجي نوجوانن کي ”يوٿ پرو??را??“ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چي?? آهي ته وفاقي حڪومت سال 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏن?? آهي، ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن جي باوجود به نوجوانن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهي لاءِ يوٿ پرو??را?? ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. ”يوٿ وين“ جي موقعي تي نوجوانن جي لاءِ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 2011ع ۾ پنجاب مان جنهن پرو??را?? جي شروعات ڪئي هئي، 2013ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد نواز شريف ان پرو??را?? کي سڄي ملڪ ۾ پهچائي ڇڏيو، اهو انقلابي پرو??را?? نوجوانن جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿي رهي?? آهي، انهن جي تعليم، هنرمندي، صحت ۽ روزگار سان ئي پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي. وزيراعظم ان موقعي تي اهو اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏن?? آهي جنهن ۾ مخ??لف تقريبون منعقد ڪيون وينديون، محنتي ۽ هوشيار ٻارن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، ٻين اسڪيمن ذريعي نوجوانن جي حوصلا افزائي جاري رهندي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهي ويزن تحت اسان يوٿ پرو??را?? شروع ڪيو هو، پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ ٺ??هي?? ويو هو، ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي وئي هئي، نوجوانن کابنيا وياج ۽ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا ويا، وسيلن کان محروم ذهين شاگردن کي وظيفا ڏنا، ٻاهرئين ملڪ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا، اڄ اهي قوم جا قابل فرزند ۽ ڌيئرون مخ??لف شعبن ۾ ڪاميابين جي نئين بلندين تائين پهچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هو اهڙي وقت تي ملڪ جي وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز ٿيو جڏهن ملڪ کي شديد معاشي بحران درپ??ش هو، ٻوڏ مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پر انهن سمورين مشڪلاتن ۾ به نوجوانن کي اسان نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته اهي اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن، انهي لاءِ يوٿ پرو??را?? ٻيهر شروع ڪيو ويو، وسيلن ۽ ان جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو ۽ زراعت سميت ٻيا شعبا ان پرو??را?? ۾ شامل ڪيا ويا، بنا وياج ۽ آسان شرطن تي نوجوانن کي وسيلا ڏيڻ جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته جيئن نوجوان روزگار جي ذريعي پنهنجي خاندان جو سهارو بڻجن ۽ انهن جو بار گهٽ ڪري سگهجي، ملڪ جي ترقي ۾ عملي ڪردار ادا ڪن.