اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 ۽ 6 مارچ تي قطر ۾ منعقد ٿيندڙ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي حوالي سان گڏيل قومن جي پنجين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم کي قطر جي دوري جي دعوت، قطر جي امير طرفان ڏني وئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪانفرنس 5 کان 9 مارچ 2023ع تائين ٿيندي جنهن ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو ورتو ويندو. عالمي اڳواڻ امدادي ڪارروائين کي متحرڪ ڪندا ته جيئن انهن ملڪن کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. پنهنجي دوري دوران ڪانفرنس ۾ شرڪت کان سواءِ وزيراعظم دوحه ۾ مختلف عالمي اڳواڻن، وفدن جي سربراه سان ملاقاتون ڪندو. ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي معاونت جي حوالي سان عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو وٺندا جن تي ترقياتي شراڪتدارن طرفان اتفاق ڪيو ويو آهي. پا??ستان گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي عالمي سطح تي پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري ??هي?? آهي. سال 2022ع د??ران جي-77 ۽ چين جي اجلاس جي صدارت ڪندي پا??ستان ايل ڊي سيز جي امداد جي حوالي سان اثر??ئت?? قدمن کي يقيني بڻايو. اهو ئي سبب آهي ته قطر ۾ ڪانفرنس منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي اجلاس ۾ منظور ڪيل قراردادن تحت ٿي ??هي?? آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ڪانفرنس ۾ شرڪت سان گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پا??ستان طرفان سپورٽ ۾ مدد ملندي جنهن سان ايل ڊي سيز جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. ترجمان چيو ته پا??ستان گڏيل قومن جي 20230ع جي سائوٿ ڪو آپريشن فريم ورڪ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري ايجنڊا تحت اثر??ئت?? عالمي شراڪتداري جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.