سکر – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، انصاف ڪرڻ تمام وڏي نيڪيءَ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ وفاقي محتسب انشورنس ريجنل آفيس سکر جي اف??تاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هن اداري ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ ماڻهو انصاف جي فراهمي کي تيز ڪرڻ ۽ مسئلن جي فوري حل لاءِ ??دم کڻي رهيا آهن. تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ به وفاقي محتسبن جي مدد ??ان سائلين جي مسئلن جي حل ۾ تيزي آئي آهي. بئنڪنگ صارفين جا مسئلا هجن يا ملڪي مسئلا، انهن جي فوري حل ۽ وقت سر فيصلن ??ان ئي ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ٿيندو. صدر چيو ته جيڪڏهن ا??ان ايگريڪلچر انسورنس تي ڌيان ڏيون ها ته تازي ٻوڏ ??ان آبادگارن ۽ زميندارن کي ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪري سگهياسين پئي. هن چيو ته ملڪ جي سمورن سيڪٽرز ۾ انشورنس جي رجحان کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته سکر ۾ وفاقي محتسب جا ڪيترائي ادارا موجود آهن پر عوامي ??طح تي ماڻهن کي انهن جي ڄاڻ نه آهي. هن اداري ۾ موجود آفيسرن کي پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي کي ميڊيا ۾ آڻڻ گهرجي ڇو ته هي دور سوشل ميڊيا ۽ ڪميونيڪشن جو دور آهي. ان کان اڳ صدر اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. سکر ايئرپورٽ تان آءِ بي اي يونيورسٽي آيو جتي هن وفاقي انشورنس محتسب ريجنل آفيسر سکر جو اف??تاح ڪيو. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل صدر جو استقبال ڪيو.