اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آه??، پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آه??، پ??رل??امينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ عورت پ??رل??امينٽرينز جي 18 رڪني وفد سان ڳا??هائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم پ??رل??امينٽ ۾ عورت پ??رل??امينٽرينز جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتون پاڪستان جي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، قانونسازي ۾ عورتن جي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي. پ??رل??امينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان قانونسازي پڻ شامل هئي.