اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب زلمي خليل زاد جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ان س??ن آمريڪي سازش ۽ امپورٽيڊ رجيم جي اصليت سامهون اچي وئي آ??ي، جيوش لابي پنهنجو ڪـٺ پتلي بچائڻ جي لاءِ سامهون اچي چڪي آ??ي، فارن فنڊنگ جي ڏوهاري جا هينڊلرز سامهون ايندا پيا وڃن، فارن فنڊنگ جو نيڪسس بي نقاب ٿي ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فارن ايجنٽ ??ير آهي، ثابت ٿي ويو. توهان کي ڪٺ پتلي چار سال انساني حقن جون بدترين پائماليون ڪيون، توهان جي ڪٺ پتلي ميڊيا پر??ڊي??ر بڻجي چڪي آ??ي. هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو ڪٺ پتلي پاڪستان ۾ مالياتي، سياسي ۽ سفارتي تباهي جو ذميوار آهي، عالمي لابسٽ پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي ويا آهن، اهو ٽوئيٽ انهي منصوبي جي ڪڙيءَ آهي.