اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط لک??دي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل عملدارن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مقرر وقت ۾ عام چونڊن جي لاءِ ??لي??شن ڪميشن جي معاونت جي هدايت ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سمورن لاڳاپيل انتظامي عملدارن کي ا??ساني حقن جي پائمالي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ چيو ته ويجهي ماضي ۾ پرنٽ، ??لي??ٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا بنيادي ۽ انساني حقن جي واضح خلاف ورزين جي واقعن کي اجاگر ڪيو، اهڙن واقعن جي تدارڪ ۽ اصلاح جي لاءِ انهن کي وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي ضرورت هئي. آرٽيڪل 105 يا 112 تحت صوبائي اسيمبلين جي تحليل تي آرٽيڪل 224 (2) تحت 90 ڏينهن جي ا??در چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ??لي??شن ڪميشن آف پاڪستان کي صدر کي 90 ڏينهن جي ا??در چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ تاريخ (تاريخون) تجويز ڪرڻ جو حڪم ڏنو، خيبرپختونخواهه جي گورنر کي به صوبائي اسيمبلي جي لاءِ ٽائيم فريم موجب عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، لڳي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وفاقي ۽ نگران حڪومتن لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ضروري تعاون فراهم ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪرڻ جو چيو، آئين تحت وفاقي ۽ صوبائي ا??گزيڪيوٽو اٿارٽيز جو فرض آهي ته اهي ڪمشنر ۽ ??لي??شن ڪميشن کي ا??هن جا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ڪن. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته ??لي??شن ڪميشن 30 اپريل تي پنجاب ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي کليل خلاف ورزي ڪئي، اي سي پي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي ا??عقاد جي لاءِ 8 آڪٽوبر تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر خط ۾ وزيراعظم جو ڌيان انساني حقن جي خلاف ورزين طرف پڻ ڇڪرايو. خط ۾ پوليس/ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ظلمن، شهرين جي خلاف طاقت جي غيرمناسب استعمال جي سنگيني جو پڻ ذڪر ڪ??دي ٻڌايو ويو ته سياستدانن، ڪارڪنن، صحافين ۽ ميڊيا جي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا، سياسي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، شهرين کي بنا وارنٽ ۽ قانوني جواز جي اغوا ڪيو ويو. صدر خط ۾ بنيادي حقن بابت آئين جي مختلف آرٽيڪلز جو پڻ حوالو ڏي??دي چيو ته آئين جي آرٽيڪلز جي واضح طور تي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، اهڙن واقعن سان عالمي برادري ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال ۽ مستقبل تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ ذڪر ڪيو ته 2021ع جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 180 ملڪن مان 145 هين نمبر تي هو، 2022ع ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ 157 هين نمبر تي اچي ويو، هن سال جي قدمن سان ان انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجاب??دي وڌيڪ هيٺ ايندي، پاڪستان ۾ تازن مهينن ۾ ميڊيا کي وڌيڪ دٻايو ويو، حڪومت جي خلاف اختلاف، تنقيد دٻائڻ جي لاءِ صحافين کي بغاوت ۽ دهشتگردي جي ا??زامن جو نشانو بڻايو ويو. خط ۾ صدر چيو آهي ته وزيراعظم حڪومت جي سربراهه هجڻ جي ناطي آئين ۾ ڏنل پاڪستان جي هر شهري جي ا??ساني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جو ذميوار آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي حقن جي خلاف ورزي کان پري رهن، ??لي??شن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري.